حاجي مريد مهيري

حاجي مريد مهيري: مريد فقير ولد در محمد مهيري ڳوٺ ٻاگلي ۾ 1890ع ڌاري ڄائو، پاڻ بلڪل اڻ پڙهيل هو، هميشه مجرد ٿي زندگي گذاريائين، پر سندس شعر مان ائين معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ صاحبِ ذوق هو، سندس شعر پر اثر ۽ جذبي سان ڀريل آهي. سندس شعر ۾ سنڌ جا رواجي قصا، ڳوٺاڻي زبان ۽ محاورن ۾ چيل آهن، جيڪو سندس شعر جي مقبوليت جو بنيادي سبب آهي. ايتريقدر جو پڙهندڙن کي ائين محسوس ٿيندو، ڄڻ هوبهو نظارو سندن اڳيان پيش ٿي رهيو آهي. حاجي مريد مهيريءَ جو ڪلام ’ابيات سنڌي عرف ڳوٺاڻا بيت‘ جي نالي سان 1953ع ۾ ڇپيو. مريد فقير 1960ع ۾ وفات ڪئي، سندس بيت نڙ تي پڻ چيا ويندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو